ذوالفقار مرزا

ذوالفقار مرزا

ذوالفقار مرزا

ذوالفقار مرزا: سنڌ جي مشهور سياستدان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، 12 جنوري 1954ع تي جسٽس ظفر حسين مرزا جي گهر، حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس تعلق سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي محسن مرزا قليچ بيگ جي خاندان سان آهي، جيڪي گرجي مرزا پڻ سڏيا وڃن ٿا. هن سيڪنڊري تائين تعليم، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان ورتي، جتي ملڪ جي موجوده صدر آصف علي زرداريءَ سميت ٻيا مشهور ماڻهو سندس دوست رهيا. ذوالفقار مرزا، ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ورتي. هي شروع کان وٺي پيپلز پارٽيءَ سان وابسته رهيو آهي. محترمه شهيد بينظير ڀٽو جو به مٿس اعتماد هوندو هو. جڏهن هوءَ آڪٽوبر 2008ع ۾ ڏيهه واپس آئي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سوين جان نثار ساٿين سان محترمه جي حفاظت ۾ پيش پيش رهيو. زميندار ۽ صنعتڪار طور به سندس سڃاڻپ رهي آهي. سندس شادي فهميده مرزا سان ٿي، جيڪا سنڌ جي سياحت ۽ صحافت جي ميدان ۾ مشهور قاضي خاندان سان تعلق رکي ٿي ۽ قاضي عبدالمجيد عابد جي نياڻي آهي ۽ هن وقت پاڪستان جي وفاقي پارليامينٽ جي پهرين خاتون اسپيڪر آهي. مسلم ملڪن ۾ به اهو اعزاز کيس ئي حاصل آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هن وقت بدين ضلعي ۾ مستقل طور رهائش پذير آهي، جتي سندس شگر مل ۽ زمينون آهن. 2008ع وارين عام چونڊن ۾ بدين جي تڪ تان سوڀارو ٿيو ۽ پوءِ ٽي سال سنڌ جو گهرو وزير رهيو. وزارت دوران هن سنڌ، خاص ڪري ڪراچي شهر جي امن جي حوالي سان عملي قدم کنيا، پر ڪن سياسي ڌُرين جا ساڻس اختلاف ظاهر ٿيا. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا گفتگو ۾ کرو ۽ بيباڪ شخصيت جو مالڪ آهي. آگسٽ 2011ع ۾ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ سان اختلاف رکندي هن صوبائي گهرو وزارت توڙي صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تان استعيفا ڏئي ڇڏي. پريس ڪانفرنس ۾ هن وفاقي گهرو وزير تي جانبدار هئڻ ۽ هڪ خاص تنظيم جي حمايت ڪرڻ جا الزام لڳايا. سندس موقف هو ته ڪراچيءَ جي خراب حالتن جي ذميوار لساني بنيادن تي ٿيندڙ سياست آهي. استعيفا ڏيڻ کانپوءِ پاڻ سياسي سرگرمين کان پاسيرو رهيو آهي. سندس خالي ٿيل سيٽ تي 2012ع ۾ ضمني چونڊ ٿي، جنهن ۾ سندس فرزند حسنين مرزا سوڀارو ٿيو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، پاڪستان جي موجوده صدر آصف علي زرداريءَ جو ويجهو دوست ليکيو وڃي ٿو.


لفظ ذوالفقار مرزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.01.12  عيسوي

سنڌ جي مشهور سياستدان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، 12 جنوري 1954ع تي جسٽس ظفر حسين مرزا جي گهر، حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چيٽو مل
محمد حسن جان رحه سرهندي ٽکڙائي
رسول بخش بلوچ
ڇتل سرهيو
راجپال بولچند وسو مل
ديويڪا راڻي
سنت بابا هريرام
بانو قدسيه
لونگ فقير سولنگي
پشپا ولڀ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون